وفاقي وزير ريلويز حنيف عباسي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آھي تھ پاڪستان ريلويز جي سروسز کي جديد بڻائڻ لاءِ عوام ايڪسپريس ۽ خيبر ميل ۾ بھتري آڻڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو. ھن موجب، عوام ايڪسپريس جي واڌاري جو عمل 2 نومبر 2026ع کان شروع ٿيندو.وفاقي وزير چيو تھ منصوبي تحت ريل گاڏين جي انجڻن، بوگين ۽ مسافرن لاءِ سھولتن کي بھتر بڻايو ويندو، جڏھن تھ سروس کي وڌيڪ محفوظ ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي پڻ استعمال ڪئي ويندي.ھن وڌيڪ ٻڌايو تھ عوام ايڪسپريس ۽ خيبر ميل سان گڏ ريلويز جي ٻين رستن تي بھ ترقياتي منصوبن تي غور ڪيو پيو وڃي.حڪومت جو مقصد مسافرن کي وڌيڪ آرامدھ ۽ محفوظ سفري سھولتون فراھم ڪرڻ ۽ پاڪستان ريلويز جي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ آھي.