ڪراچي: ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون مان پوليس ڇوڪرن جو روپ ڪري موٽرسائيڪلون چورائيندڙ ڇوڪري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.جوابدار ڇوڪري جي سڃاڻپ ثمرين عرف مشا ولد عاشق حسين جي نالي سان ٿي آهي.جوابدار ڇوڪري ڇوڪرن جو روپ ڪري مختلف علائقن مان موٽرسائيڪلون چورائيندي هئي ۽ بلوچستان جي حب چوڪي ۾ وڪڻندي هئي.ڇوڪري وٽان ڊفينس جي حد مان چوري ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.