وياج خورن جي مبينا دٻاءَ ۽ ڌمڪين کان پريشان ھڪ عورت شمشاد بي بي پنھنجن چئن ٻارن سميت پريس ڪلب پھچي وئي، جتي ھن انتھائي مجبوريءَ واري حالت ۾ ٻارن جي وڪري جو اعلان ڪيو.اي آر واءِ نيوز جي رپورٽ موجب، شمشاد بي بي جو چوڻ آھي تھ خراب مالي حالتن ۽ وياج خورن جي مسلسل مطالبن سبب ھوءَ سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آھي. سندس چوڻ آھي تھ ھوءَ پنھنجن ٻارن جي بھتر مستقبل لاءِ فڪرمند آھي، پر موجودھ حالتن ۾ پنھنجن مسئلن جو حل ڳولي نھ سگھي آھي.واقعي کانپوءِ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي آھي، جڏھن تھ ڪجھھ ماڻھن طرفان عورت جي مدد ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي وئي آھي.ٻئي طرف، لاڳاپيل انتظاميا ۽ سماجي ڀلائي جي ادارن کان مطالبو ڪيو پيو وڃي تھ عورت جي مالي ۽ خانداني صورتحال جو جائزو وٺي کيس فوري مدد فراھم ڪئي وڃي ۽ ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.