آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊون صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين ۽ سندس سياسي مقبوليت بابت عوامي راءِ جو اھم امتحان ثابت ٿي سگھن ٿيون. اھي چونڊون ھر ٻن سالن کانپوءِ ٿينديون آھن، جن ۾ ڪانگريس جي ٻنھي ايوانن، سينيٽ ۽ ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز جي ڪجھھ سيٽن لاءِ ووٽنگ ٿيندي آھي.صدر ٽرمپ جي دور ۾ آمريڪي معاشي پاليسين، صحت جي نظام ۾ تبديلين ۽ عالمي ملڪن سان لاڳاپن بابت ڪيترائي اھم بحث سامھون آيا آھن. انھن معاملن سبب مڊٽرم چونڊن جي سياسي اھميت وڌي وئي آھي.انھن چونڊن جا نتيجا آمريڪي عوام جي سياسي راءِ جو اھم اشارو ھوندا. خاص طور تي، جيڪڏھن مخالف ڌر ڪانگريس ۾ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري ٿي تھ صدر ٽرمپ جي قانونسازي ۽ پاليسين تي عملدرآمد جي صلاحيت متاثر ٿي سگھي ٿي.مڊٽرم چونڊن جا نتيجا نھ رڳو آمريڪا جي سياسي منظرنامي تي اثرانداز ٿيندا، پر عالمي پاليسين ۽ آمريڪا جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي پڻ اثر وجھي سگھن ٿا.