شزا فاطمھ جو انعام

شزا فاطمھ کي عالمي ايوارڊ 2026ع سان نوازڻ جي دعويٰ

وفاقي وزير شزا فاطمھ بابت دعويٰ ڪئي وئي آھي تھ کيس ’گلوبل فاسٽ موو انڊسٽري چيمپيئن 2026ع‘ جو اعزاز ڏنو ويو آھي. ڄاڻايل ايوارڊ تقريب ۾ 60 کان وڌيڪ ملڪن جون 500 کان وڌيڪ ڪمپنيون شريڪ ھيون.رپورٽ موجب، شزا فاطمھ کي فاسٽ موو ايوارڊز دوران انفرادي سطح تي پڻ اعزاز سان نوازيو ويو. سندس محنت ۽ قيادت جي صلاحيتن کي ھن اعزاز جو سبب قرار ڏنو ويو آھي.فاسٽ موو ايوارڊز ۾ مختلف ملڪن ۽ صنعتن سان لاڳاپيل ادارن ۽ اڳواڻن کي سندن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي مڃتا ڏني ويندي آھي.ھن اعزاز کي پاڪستان جي ٽيڪنالاجي شعبي لاءِ اھم پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي، جڏھن تھ ان سان نوجوانن کي پڻ ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ حوصلا افزائي ملڻ جي اميد ظاھر ڪئي وئي آھي.