پراسرار شيون ڏسڻ لاءِ چپ

پراسر شين کي ڏسڻ ۾ مددگار نئين چِپ تيار،

اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي محققن ھڪ نئين فوٽو نِڪ چِپ تيار ڪئي آھي، جيڪا گڏيل روشنيءَ کي الڳ الڳ ۽ واضح شعاعن ۾ ورھائڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ناخن جيتري ننڍڙي ھي چِپ ڪيمرائن، خوردبينن ۽ دوربينن ذريعي حاصل ٿيندڙ تصويرن کي وڌيڪ صاف ۽ تفصيلي بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي.محققن موجب، ھي ٽيڪنالاجي ھڪ اھڙي سائنسي تصور کي عملي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش آھي، جنھن تي سائنسدان ڪيترن ئي ڏھاڪن کان تحقيق ڪري رھيا ھئا.ھن چِپ ذريعي روشنيءَ جي مختلف حصن کي الڳ ڪري تصويرن جي وضاحت ۽ تفصيل ۾ واڌارو آڻي سگھجي ٿو. ان جو استعمال سائنسي تحقيق، طبي شعبي، تصويرڪشي ۽ ٻين صنعتي شعبن ۾ پڻ ٿي سگھي ٿو، جتي انتھائي واضح تصويرن جي ضرورت ھوندي آھي.رپورٽ موجب، ھي تحقيق 30 آڪٽوبر تي سائنسي رسالي نيچر فوٽو نِڪس ۾ شايع ڪئي وئي، جنھن ۾ چِپ جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل ۾ ان جي امڪاني استعمال بابت تفصيل ڏنا ويا آھن.سائنسدانن جو خيال آھي تھ ھي ٽيڪنالاجي مستقبل ۾ تصويرڪشي ۽ سائنسي تحقيق جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوان امڪان پيدا ڪري سگھي ٿي.