ڪراچي: پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري 3 ڏينهن جي دوري کانپوءِ يورپ کان ڏيهه واپس پهچي ويو.پرڏيهي وزير بلاول ڀُٽو زرداري وفد سان گڏ خاص جهاز ۾ هنگري کان ڪراچي پهتو.پيپلزپارٽي چيئرمين 20 فيبروري تي اسلام آباد کان جرمني ويو هو.پنهنجي دوري دوران هن جرمني، برطانيا ۽ هنگري ۾ اهم ملاقاتون ڪيون.