ڪراچي (ADN سنڌي): عالمي بئنڪ (ورلڊ بئنڪ) پاران سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صاف پاڻي، نالي وارو نيڪال ۽ صفائي سٿرائي جا جديد منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ 300 ملين ڊالرن جي مالي پيڪيج (STAR WASH-1) جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن رٿا تحت صوبي جي 15 لک (1.5 ملين) کان وڌيڪ ٻهراڙي وارن شهرين کي پيئڻ جو فلٽر ٿيل پاڻي ملي سگهندو. صحت ۽ آبپاشي ماهرن موجب هن منصوبي سان ٻهراڙين ۾ ٻارن جي اسٽنٽنگ ۽ پيٽ جي بيمارين تي نمايان ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.