اسلام آباد ۾ 30هين اي سي او (ECO) وزارتي ڪانفرنس شروع: خطي ۾ آزاد واپار ۽ ريلوي ڪنيڪٽوٽي تي اتفاق

اسلام آباد (ADN سنڌي): وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (ECO) جي پرڏيهي وزيرن جي ٻن ڏينهن واري ڪائونسل اجلاس جو آغاز ٿيو، جنهن جي صدارت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته خطي جي 10 ميمبر ملڪن وچ ۾ تجارتي رڪاوٽون ختم ڪري آزاد واپاري معاهدي ۽ ڪراچي کان استنبول تائين ريلوي ڪارگو ڪنيڪٽوٽي کي فعال ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن سان ميمبر رياستن اندر معاشي استحڪام ايندو.