فلسطين جي آزاديءَ جي پڌرنامي جي سالگرهه: صدر آصف علي زرداري جو محمود عباس کي خط، مڪمل حمايت جو ورجاءُ

اسلام آباد (ADN سنڌي): صدر مملڪت آصف علي زرداري فلسطين جي آزاديءَ واري تاريخي پڌرنامي جي 38هين سالگرهه جي موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس ڏانهن خصوصي خط اماڻيو آهي. ايوان صدر پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب صدر زرداري خط ۾ چيو ته پاڪستان فلسطينين جي حق خود اراديت ۽ 1967ع کان اڳ وارين سرحدن مطابق آزاد فلسطيني رياست، جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي، جي قيام لاءِ پنهنجي غير متزلزل ۽ تاريخي اصولي حمايت جاري رکندو.