راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان بمقابله سريلنڪا ٽيسٽ ميچ جا منظر

پي سي بي پاران ليجنڊ بيٽر محمد يوسف ۽ اڳوڻي ڪپتان ثناءَ مير کي ”هال آف فيم“ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ADN سنڌي): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) پاران نامور اڳوڻي ٽيسٽ بيٽر محمد يوسف ۽ عورتن جي قومي ٽيم جي ڪامياب اڳوڻي ڪپتان ثناءَ مير کي باضابطه طور پي سي بي جي prestigious ”هال آف فيم“ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. چيئرمين پي سي بي موجب محمد يوسف پاران 2006ع دوران هڪ سال ۾ 1788 ٽيسٽ رنز ٺاهڻ جو اڻ کٽ رڪارڊ ملڪي ڪرڪيٽ جو سنهري باب آهي، جڏهن ته ثناءَ مير عورتن جي ڪرڪيٽ کي عالمي سطح تي نئين سڃاڻپ ڏني.