ڍاڪا (ADN سنڌي): بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ اڄ شام پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي ٽيمن وچ ۾ ساف فٽبال چيمپيئن شپ جو تاريخي فائنل کيڏيو پيو وڃي. پاڪستاني ٽيم سيمي فائنل ۾ شاندار فتح ماڻي ملڪي فٽبال جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ساف فائنل ۾ پهتي آهي. فٽبال شائقين طرفان سڄي ملڪ اندر هن روايتي ۽ وڏي ٽڪراءَ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪيو پيو وڃي.