بين الاقوامي موسمياتي سربراهي ڪانفرنس دوران پاڪستان سميت سيلاب سٽيل ترقي پذير ملڪن لاءِ نون ماحولياتي فنڊز جاري ڪرڻ تي عالمي طاقتن وچ ۾ اتفاق ٿيو آهي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ماهرن چيو ته گلوبل وارمنگ جو سڀ کان وڌيڪ شڪار زرعي معيشت وارا ملڪ بڻجي رهيا آهن، ان ڪري صنعتي ملڪن کي سالياني بنيادن تي مالي معاوضو فراهم ڪرڻ لازمي آهي.