ڪراچي (اي ڊي اين نيوز): سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي سان تعلق رکندڙ 16 ورهين جي ذهين نوجوان صبيح الرحمان مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي ٻڌل جديد ترين اوزار تيار ڪري عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. نوجوان پاران تيار ڪيل هي آوازن جي رهنمائي وارو ورچوئل اسسٽنٽ ڪنهن به سکيا واري عمل کي 10 آسان مرحلن ۾ ورھائي اڻڄاڻ ماڻهن لاءِ ڪمپيوٽر جو استعمال سولو بڻائي ٿو.
مليل ڄاڻ موجب 16 ورهين جو صبيح الرحمان خانگي طور تي او ليول پڙهڻ سان گڏ ڪراچي جي هڪ آءِ ٽي اسٽارٽ اپ ۾ سافٽ ويئر انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن جو تيار ڪيل AI ٽيوٽر اهڙي ريت ڪوڊنگ ڪيل آهي جو اهو ڪنهن به پيچيده ٽاسڪ، پروجيڪٽ يا مشڪل سوال کي قدم به قدم سمجھائي ٿو، جنهن سان شاگردن ۽ نون سکندڙن لاءِ ڪلاڪن جو ڪم منٽن ۾ ممڪن ٿي وڃي ٿو.
ذريعن موجب، نوجوان جي هن ڪاميابي کي پاڪستاني ٽيڪنالاجي حلقن پاران تمام گھڻو ساراهيو ويو آهي ۽ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته هو هن ماڊل کي مقامي ٻولين، خاص طور تي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ پڻ دستياب بڻائي، جيئن سنڌ توڙي سموري ملڪ جا شاگرد مصنوعي ذهانت جي هن اڳڀرائي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن.