آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون جاري رهنديون: پرڏيهي وزير اسحاق ڊار

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون جاري رهنديون: پرڏيهي وزير اسحاق ڊار

اسلام آباد (ADN سنڌي): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ امان قائم رکڻ لاءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ کي سفارتي ڳالهين ذريعي گهٽائڻ لاءِ پنهنجو مفاهمتي ڪردار ادا ڪندو رهندو. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاران پڻ اسلام آباد جو دورو ڪري اعليٰ قيادت سان خطي جي سلامتي بابت اهم ڳالهيون ڪيون ويون آهن.