رياض ۾ دنيا جو بلند ترين فنانشل ٽاور تعمير ڪرڻ جو فيصلو: سعودي ويزن 2030 تحت اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري

رياض (ADN سنڌي): سعودي عرب پاران پنهنجي معاشي سڌارن واري پروگرام ’ويزن 2030‘ تحت راڄڌاني رياض اندر عالمي معيار جو بلند ترين فنانشل سينٽر ۽ ڪمرشل ٽاور اڏڻ جو وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ (PIF) پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب هن منصوبي ۾ گڏيل قومن، وچ اوڀر ۽ عالمي بئنڪنگ سيڪٽر جون وڏيون بين الاقوامي ڪمپنيون پنهنجا ريجنل هيڊ ڪوارٽر قائم ڪنديون. سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي هدايتن تحت هي پراجيڪٽ تيل کان سواءِ ٻين ذريعن سان معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ تاريخي سنگ ميل ثابت ٿيندو.