اسلام آباد (ٽيڪ رپورٽر): پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA) ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي (CAA) گڏيل طور تي ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامن دوران مسافرن کي ان-فلائيٽ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ (In-Flight Wi-Fi) سروس فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
پي ٽي اي جي پڌرائي موجب عالمي سٽيلائيٽ آپريٽرز کي پاڪستاني فضائي حدن اندر براڊ بينڊ سروس فراهم ڪرڻ جا باضابطه لائسنس جاري ڪيا ويندا، جنهن بعد مسافر دوران پرواز بنا ڪنهن رڪاوٽ جي انٽرنيٽ ۽ ميسيجنگ سروس استعمال ڪري سگهندا.
هوائي ڪمپنين پاران هن فيصلي جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو آهي جنهن سان پاڪستان ايوي ايشن عالمي معيارن سان هم آهنگ ٿي ويندي.
ذريعو: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA) پڌرنامو (20 نومبر 2026ع)




