اسلام آباد (اي ڊي اين نيوز): نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) پاران آن لائن فراڊ، مالي ڌوڪيبازي ۽ غير قانوني سائبر سرگرمين جي روڪٿام لاءِ هڪ جديد ۽ محفوظ موبائل ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. هن ايپ ذريعي شهري ڪنهن به وقت آن لائن فراڊ جي تڪڙي شڪايت داخل ڪرائي سگهندا.
ايجنسي جي ترجمان ٻڌايو ته آن لائن شاپنگ، فيڪ او ٽي پي ڪالز، بئنڪ کاتن مان رقم جي غير قانوني منتقلي ۽ سوشل ميڊيا بليڪ ميلنگ بابت شهري گهر ويٺي ايف آءِ آر ۽ شڪايت داخل ڪرائي سگهن ٿا. سسٽم ۾ خودڪار طريقي سان فرانزڪ ٽريڪنگ جو نظام موجود آهي.
حڪومتي عملدارن عوام کي هدايت ڪئي آهي ته نامعلوم لنڪس ۽ جعلي ڪالز تي پنهنجي رازداراڻي بئنڪنگ معلومات ڪڏهن به شيئر نه ڪن ۽ فوري طور تي ايپ ذريعي رپورٽ درج ڪرائين.