سان فرانسسڪو / اسلام آباد (ADN سنڌي): ٽيڪنالاجي جي عالمي ديو گوگل پنهنجي مشهور نيويگيشن ايپليڪيشن گوگل ميپس (Google Maps) اندر هڪ جديد آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) چيٽ بوٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو واهپيدارن جي خواهش مطابق پوري سفر جي منصوبابندي خودڪار طريقي سان تيار ڪندو.
گوگل انتظاميه موجب هن نئين فيچر جو نالو ‘Ask Maps’ رکيو ويو آهي، جيڪو گوگل جي طاقتور ‘Gemini AI’ ماڊل تحت ڪم ڪري ٿو. هي چيٽ بوٽ نه رڳو منزلن، بهترين رستن ۽ ٽريفڪ جي حالتن بابت هدايتون ڏيندو، پر رستي ۾ ايندڙ هوٽلن، کاڌي پيتي جي مرڪزن، تاريخي ماڳن ۽ مقامي سرگرمين جي جامع رٿابندي منٽن اندر تيار ڪري وٺندو.
هي جديد خصوصيت اينڊرائيڊ (Android) ۽ آءِ او ايس (iOS) جي واهپيدارن لاءِ جاري ڪئي وئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته Ask Maps چيٽ بوٽ نون شهرن جو سفر ڪندڙن ۽ وقت جي بچت چاهيندڙ ماڻهن لاءِ هڪ هوشيار ڊجيٽل اسسٽنٽ جي حيثيت سان ڪم ڪندو، جنهن سان روزمره جو سفر انتهائي آسان ۽ منظم ٿي ويندو.