اسلام آباد ۾ تدريس جا نوڪريون

پي ايم ڊي سي طرفان ڊاڪٽرن جي رجسٽريشن جي تجديد لاءِ 8 فروري 2027 جي مھلت مقرر

اسلام آباد:پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڊاڪٽرن کي 8 فروري 2027 تائين پنھنجي رجسٽريشن جي تجديد (رينيوئل) ڪرائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي. ھي فيصلو صحت جي شعبي ۾ معيار برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آھي، جنھن تحت سمورن ڊاڪٽرن کي مقرر ڪيل آخري تاريخ تائين پنھنجي پريڪٽس لائسنس جي تجديد ڪرائڻي پوندي.
پي ايم ڊي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تھ ڊاڪٽر ڪنھن بھ ڏکيائي کان بچڻ لاءِ آخري تاريخ جو انتظار ڪرڻ بدران وقت کان اڳ پنھنجي لائسنس جي تجديد يقيني بڻائين. ڪائونسل موجب، ھي قدم صحت جي شعبي ۾ شفافيت ۽ ذميواري کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ کنيو ويو آھي.
ان کان علاوھ، پي ايم ڊي سي انتظاميھ ڊاڪٽرن کي ھدايت ڪئي آھي تھ ھو پنھنجو ذاتي ۽ پيشھ ورانھ رڪارڊ صحيح ۽ اپڊيٽ رکن، تھ جيئن مستقبل ۾ ڪنھن بھ انتظامي مسئلي کان بچي سگھجي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن کي پنھنجي معلومات آن لائن پورٽل تي اپڊيٽ ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو ويو آھي.
صحت جي ماھرن موجب، پي ايم ڊي سي جو ھي قدم ڊاڪٽرن جي پيشھ ورانھ قابليت جي تصديق ۽ عوام کي معياري طبي سھولتون فراھم ڪرڻ ۾ انتھائي مددگار ثابت ٿيندو.