اسلام آباد:ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آھي تھ ھنن آبناءِ ھرمز ويجھو برقي جنگي ڪارروائي (اليڪٽرانڪ وارفيئر) ذريعي آمريڪي فوجي ڊرون “ايم ڪيو ايم 170” کي صحيح سلامت پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب جي سامونڊي فوج ٻڌايو تھ سندن دستن قشم ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ ان بنا پائليٽ طياري کي ھيٺ لاٿو. جڏھن تھ ايراني فوج طرفان ان طياري جي موجودھ حالت بابت وڌيڪ تفصيل فراھم نھ ڪيا ويا آھن.
تجزيي نگارن موجب، ايران جي ان دعويٰ جو مقصد خطي ۾ آمريڪي فوجي موجودگي کي چيلنج ڪرڻ ۽ پنھنجي دفاعي صلاحيتن جو اظھار ڪرڻ آھي. ايراني عھديدارن ان عزم جو اظھار ڪيو آھي تھ ھو پنھنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ ھر وقت تيار آھن.
واضح رھي تھ ان کان اڳ بھ ايران مختلف موقعن تي آمريڪي ڊرونز کي پڪڙڻ يا ڪيرائڻ جون دعوائون ڪري چڪو آھي، جنھن سان خطي ۾ پاسدارانِ انقلاب جي فوجي سرگرمين ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي.