سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي: بلوچستان ۾ ڪارروائي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه: بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز امن دشمنن خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا. ڪارروائي دوران هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ آيو آهي.ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج پاران آپريشن جو سلسلو جاري آهي. گذريل ڏينهن بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪندڙ اٺ دهشتگردن کي آخري انجام تائين پهچايو ويو.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ حملي آورن وچ ۾ چڪريون ٿيون. ملڪ جي محافظن بنا ڪنهن جاني نقصان جي دهشتگردن جو حملو ڪاميابي سان ناڪام بنائي ڇڏيو. ڪارروائي دوران دهستگردن جي ٺڪاڻن تان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز مزابندريج ۾ ڪليئرنس آپريشن به ڪيو. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو آهي ته قربانين کان پوءِ حاصل ڪيل بلوچستان جو امن ڪنهن کي به خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو.