پاڪستاني خلاباز ذيشان علي جو چيني خلائي اسٽيشن تان پهريون تاريخي پيغام، علامه اقبال جي شعر سان قوم کي سلام

پاڪستاني خلاباز ذيشان علي جو چيني خلائي اسٽيشن تان پهريون تاريخي پيغام، علامه اقبال جي شعر سان قوم کي سلام

بيجنگ/اسلام آباد (اسپيس ڊيسڪ): چين جي ٽيانگونگ خلائي اسٽيشن تي پهچندڙ پاڪستان جي پهرين خلاباز ذيشان علي مشن جي پهرين ڏينهن تي زمين ڏانهن پنهنجو خصوصي وڊيو پيغام موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن علامه اقبال جو مشهور شعر پڙهي پوري پاڪستاني قوم ۽ نوجوانن کي سلام پيش ڪيو.

ذيشان علي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خلائي مشن دوران هو سائنسي تحقيقات، توانائي ۽ مائيڪرو گريوٽي بابت تجربا سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته هي ڪاميابي پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري ڀائيواريءَ جو اعليٰ ترين مثال آهي.

سپارڪو (SUPARCO) ۽ وفاقي حڪومت پاران قومي هيرو جي پهرين پيغام تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان هاڻي خلائي کوجنا جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي.