ڊجيٽل پاڪستان طرف وڏو قدم: وفاقي حڪومت پاران علي بابا جي سهڪار سان نيشنل ’سپر ايپ‘ ٺاهڻ جو فيصلو

ڊجيٽل پاڪستان طرف وڏو قدم: وفاقي حڪومت پاران علي بابا جي سهڪار سان نيشنل ’سپر ايپ‘ ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ٽيڪنالاجي رپورٽر): وفاقي حڪومت پاڪستان جي سمورين سرڪاري، مالي ۽ شهري خدمتن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ عالمي ٽيڪ ديو ’علي بابا‘ (Alibaba) سان گڏجي هڪ قومي ’سپر ايپ‘ تيار ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي.

آءِ ٽي وزارت جي ذريعن موجب هيءَ سپر ايپ چين جي ’وي چيٽ‘ جي طرز تي ڪم ڪندي، جنهن ذريعي شهري يوٽيلٽي بلن جي ادائيگي، ٽيڪس فائلنگ، شناختي دستاويزن جي تجديد، بئنڪنگ ٽرانزيڪشنز ۽ سرڪاري اسڪيمن لاءِ هڪ ئي اڪائونٽ ذريعي درخواست ڏئي سگهندا.

وزيراعظم شهباز شريف پروجيڪٽ ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڇهن مهينن اندر ايپ جو پائلٽ فيز مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عام ماڻهو کي سرڪاري دفترن جي چڪرن کان ڇوٽڪارو ملي.