ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل ميگا پراجيڪٽ جو بند ٿيل ڪم پوليس شروع ڪرائي ڇڏيو ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جو ڪم 1 سال بعد شروع ڪرايو آهي ڌاڙيلن پاران ڪچي ۾ دهشت ڦهلائي ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جو ڪم بند ڪرايو هو جئين ئي مقرري ضلعي ڪشمور ۾ ٿي مسلسل ڪچي ۾ آپريشن ڪري ڏوهارين جو ڪچي مان ٿاڪ پناه گاهون ڊاهي ويون پل جو ڪم شروع ٿيڻ سان گڏو گڏ ڪچي اندر پوليس جا 3 وڏا بيس تيار ڪيا ويا آهن ڪچي اندر ۽ پل جي ارگرد 14 پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن ڪچي ۾ ۽ پل جي تعميراتي ڪم ۾ ڪابه رڪاوٽ نه اچڻ لاءِ 400 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن دهشت ڦهلائيندڙ 2 ڌاڙيلن کي جهنم رسيد ۽ 3 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هوڪچي اندر ڏوهي سرگرميون ڪندڙ ڪيترائي روپوش اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا آهن ۽ کين هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۽ گهوٽڪي ضلعي جي عوام جو خواب آهي پل جو ڪم هاڻي ڪنهن به صورت ۾ بند نه ٿيندو ڌاڙيلن پاران ڀتو نه ملڻ سبب ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جو ڪم بند ڪرايو هو جيڪو ڪم سال تائين بند رهيو جنهن بعد مسلسل پوليس آپريشن ڪچي ۾ هلندڙ هو ۽ ڪجه ڏوهاري مقابلي ذريعي مارجي ويا ۽ ڪجه زخمي ٿيا هئا جنهن بعد پل جو ڪم شروع ٿي ويو:ايس ايس پي عرفان سمون