ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ جو واقعو: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سخت ايڪشن، جاچ شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي کان پوءِ سنڌ حڪومت پاران سخت انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه غفلت جي مرتڪب اهم آفيسرن کي فوري طور عهدن تان هٽائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

صوبائي گاديءَ واري شهر ۾ پيش آيل هن افسوسناڪ حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا، جنهن کان پوءِ ريسڪيو ٽيمن فوري طور امدادي ڪارروائي شروع ڪري ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو. وڏي وزير لاڳاپيل ادارن ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ زخمين کي مفت ۽ بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سيد مراد علي شاهه واضح ڪيو ته غيرقانوني تعميرات ۽ انساني جانين سان کيڏندڙ بلڊرز توڙي سهولتڪار عملدارن خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.