ڪراچي (ڪرائيم رپورٽر): ڪراچي جي علائقي بفر زون سيڪٽر 15 ۾ پوليس ۽ هٿياربند ڏوهارين وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته سندن ٻه ساٿي رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
ايس ايس پي سينٽرل موجب 4 هٿياربند ڏوهاري هڪ بنگلي ۾ ڦر جي ارادي سان داخل ٿيا هئا، جن جي اطلاع ملندي ئي پوليس موبائل فوري طور پهچي گهيرو ڪيو. پوليس کي ڏسندي ئي ڏوهارين سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس پاران به جوابي فائرنگ ڪئي وئي.
مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان غيرقانوني پسٽل، گولين جا کوکا ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار شهر جي مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ گهربل هئا، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.