دبئي ۾ شادي جي تقريب دوران عاطف اسلم ۽ هني سنگهه جو زبردست ڊانس: وڊيو وائرل

دبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ): پاڪستان جي ناليواري گلوڪار عاطف اسلم ۽ ڀارتي پاپ اسٽار يو يو هني سنگهه دبئي ۾ ٿيل هڪ پروقار شادي واري تقريب ۾ گڏجي رقص ڪري ميڙ جي دل کٽي ورتي، جنهن جون وڊيوز انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويون آهن.

تقريب دوران جڏهن ٻنهي فنڪارن اسٽيج تي پنهنجي مشهور گيتن تي ڀرپور پرفارمنس ڏني ۽ هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ڊانس ڪيو ته حاضرين پاران کين ڀرپور داد ملي. ٻنهي فنڪارن جي مداحن ان کي سرحدن کان مٿانهين پيار، آرٽ ۽ موسيقيءَ جو خوبصورت ميلاپ قرار ڏنو آهي.

هني سنگهه تقريب دوران عاطف اسلم جي لازوال گيتن ۽ گلوڪاريءَ جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ٻنهي سپر اسٽارن جي گڏيل پرفارمنس کي لکين ماڻهن ڏٺو ۽ پسند ڪيو آهي.