چين پاران چيني خلائي اسٽيشن تي پاڪستاني خلاباز لاءِ روايتي کاڌن جو شاندار انتظام

بيجنگ/اسلام آباد (اسپيس ڊيسڪ): پاڪستان جي خلائي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ٿيندي، چين جي سرڪاري ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته ٽيانگونگ خلائي اسٽيشن تي موجود پاڪستاني خلاباز لاءِ خاص روايتي ۽ توانائي بخش کاڌن جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

چين گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ (CGTN) جي رپورٽ موجب، مائيڪرو گريوٽي واري ماحول ۾ خلابازن جي صحت ۽ توانائيءَ کي بهتر رکڻ لاءِ خاص سائنسي پيڪنگ ۾ تيار ڪيل غذائون موڪليون ويون آهن، جن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ثقافتي ذائقن کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي.

سپارڪو جي ماهرن موجب چين ۽ پاڪستان جي هي گڏيل خلائي مهم علم ۽ سائنسي تحقيق سان گڏ ثقافتي دوستيءَ جو به اڏول نمونو پيش ڪري رهي آهي.