ڪراچي (شوبز ڊيسڪ): پاڪستان جي تاريخ جي پهرين باضابطه نيٽ فلڪس اوريجنل ڊراما سيريز جو شاندار ٽريلر ڪراچي جي تاريخي موهٽا پيلس ۾ منعقد ڪيل هڪ رنگارنگ تقريب دوران جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سپر اسٽار فواد خان ۽ ماهره خان مک ڪردارن ۾ نظر ايندا.
هن تقريب ۾ شوبز انڊسٽري جي وڏن نالن، فلم سازن ۽ اداڪارن شرڪت ڪئي. ”همسفر“ جهڙي يادگار ڊرامي کان پوءِ فواد خان ۽ ماهره خان جي جوڙي کي عالمي اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فلڪس تي ڏسڻ لاءِ مداحن ۾ بي پناهه جوش ۽ جذبو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.
سيريز جي هدايتڪار موجب هي ڪهاڻي پاڪستاني ثقافت، شاعري ۽ روحاني جذبن جو سنگم آهي، جنهن کي عالمي معيار مطابق فلمبند ڪيو ويو آهي ۽ جلد عالمي سطح تي رليز ڪيو ويندو.