جنهن جيل ۾ زهر ڏنو، ان کان پڇو: نواز شريف جو صحافي کي جواب

لنڊن: ن ليگ قائد نواز شريف جيل ۾ زهر ڏيڻ جي سوال تي چيو آهي ته جنهن جيل ۾ زهر ڏنو، ان کان پڇو.ن ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز هڪ انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته نيب جي حراست دوران جيل ۾ نواز شريف کي زهر ڏنو ويو هو.ان معاملي تي لنڊن ۾ صحافي ن ليگ قائد کان سوال ڪيو ته ڇا توهان کي جيل ۾ زهر ڏنو ويو؟ جنهن تي نواز شريف چيو ته جنهن جيل ۾ زهر ڏنو آهي، ان کان ئي پڇو.