سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي.ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ صبح جو هڪ دفعو ٻيهر هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو. ملير، شاهه فيصل ڪالوني، نارٿ ناظم آباد، نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات پئي. ان کان علاوه آءِ آءِ چندريگر روڊ، شاهراهه فيصل، ڪورنگي، اختر ڪالوني، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ به تيز برسات پئي.هوڏانهن ميرپورساڪرو، مٽياري، ڪوٽڙي، ڄامشورو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به برسات پئي جنهن سبب موسم ٿڌي ٿي وئي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مختلف شهرن ۾ سڀاڻي به وسڪاري جو امڪان آهي، 29 مارچ کان پوءِ برساتن جو هڪ نئون سلسلو به شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.