سکر: پوليس جي مبينا زيادتين ۽ بيگناهه گرفتار جوابدار کي آزاد نه ڪرڻ خلاف سکر جي نئين ڳوٺ واري علائقي ۾ بنڌاڻي برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي عبدالخالق، ثاقب، مسمات(ح)۔خالد، مرتضيٰ ۽ ٻين چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس جي وڏي نفري اسان جي مائٽ 55 ورهين جي عبدالرحمان بنڌاڻي کي گهر جي ٻاهران ويٺل هيو ته کيس گرفتار ڪري ساڻ کڻي وئي هئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.پر عبدالرحمان جي گرفتاري بابت پوليس لاعلمي ڪري ڇڏي آھي جنهن سب عبدالرحمان جا گهرڀاتي سخت پريشاني جو شڪار آھن گرفتاري بعد گم ڪيل جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته سکر پوليس مخالفن جي چوڻ تي اسان کي حراسان ڪري رهي آهي، مظاهرين ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ بيگناهه گرفتار ٿيل عبدالرحمان بنڌاڻي کي آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي،