سکر : پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سکر  نعمان اسلام شيخ اڳوڻي ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ سان گڏ سکر جي نئين ڳوٺ واري علائقي جو هنگامي دورو ڪري عوامي شڪايتن تي راجپوت بنڌاڻي ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر حاجي محمد شريف بنڌاڻي جي گهر پهتو

سکر : پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سکر  نعمان اسلام شيخ اڳوڻي ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ سان گڏ سکر جي نئين ڳوٺ واري علائقي جو هنگامي دورو ڪري عوامي شڪايتن تي راجپوت بنڌاڻي ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر حاجي محمد شريف بنڌاڻي جي گهر پهتو. جتي محمدشريف بنڌاڻي جي اڳواڻي ۾ علائقي جي معززين جي وفد سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جا مسئلا ٻڌا ۔ان موقعي تي حاجي محمد شريف بنڌاڻي ۽ ٻين پ پ ايم اين اي  نعمان اسلام شيخ ۽ سکر جي اڳوڻي ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ آڏو شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا ۽ مٿن سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته  مڪاني ادارن جا مسئلا التوا جو شڪار آھن جڏهن ته اسان جي علائقي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب رهواسين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پويٿو۔پاڻي نيڪال جي مفلوج نظام جي ڪري رهواسين جو گهمڻ ڦرڻ مشڪل بڻجي ويو آھي نئين ڳوٺ جي عوام کي ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آھي۔علائقي واسين جي شڪايتن تي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ سکر جي اڳوڻي ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ رهواسين کي يقين ڏياريو ته اهي مسئلا ۽ مشڪلاتون اسان جا مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته پ پ جا نمائندا عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن،جنهن بعد حاجي محمد شريف بنڌاڻي ۽ ٻين مقامي معززين سندن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.