سکر :جي يو سي نصيرآباد ۾ گذريل 6 مهينن کان بجلي جي فراهمي بند، علائقي واسين هٿن ۾ بل کڻي سيپڪوانتظاميا خلاف احتجاج ڪندي اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.تفصيل موجب سکر جي علائقي يوسي نصيرآباد جي ڳوٺ نصير آباد ۾ گذريل 6 مهينن کان بجلي جي بندش خلاف وڏي انگ ۾ رهواسي۔مردن ۽ٻارڙن هٿن بل کڻي سيپڪو انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاج ڪيو، سيپڪو انتظاميا جي نااهلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته نئين تعلقي سکر جي يوسي نصيرآباد جي نصيرآباد ڳوٺ ۾ 6 مهينا اڳ علائقي جو خراب ٿيل ٽرانسفارمر کي ٺيڪ ڪرڻ جو چئي کڻي ويا آھن پر 6 مهينا گذرڻ باوجود علائقي ۾ بجلي فراهم نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري گهريلو ڪاروهنوار سميت ڪاروباري وهنوار سخت متاثر ٿي ويو آھي رهواسي سخت پريشانين جو شڪار آھن جڏهن ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ به سيپڪو انتظاميا جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 6 مهينن کان بجلي فراهمي بند آھي جڏهن ته بجلي جا بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي کان محروم آھيون ۔هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.