سکر:پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سکرڊويزن جي صدر مرحوم حاجي انورخان مهر جي پٽ بيئرسٽر ويرم خان مهر چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي باني چيئر مين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۾ ڀرپور نموني ڪارڪنن سان گڏجي شرڪت ڪئي ويندي پ پ جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

سکر:پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سکرڊويزن جي صدر مرحوم حاجي انورخان مهر جي پٽ بيئرسٽر ويرم خان مهر چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي باني چيئر مين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۾ ڀرپور نموني ڪارڪنن سان گڏجي شرڪت ڪئي ويندي پ پ جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي مظلوم ۽غريب عوام کي ووٽ جو حق ڏئي جمهوريت کان روشناس ڪرايو ۽ ڊرائنگ روم واري سياست کي هيشه لاء دفن ڪري ڇڏيو۔مهنجو والد حاجي انورخان مهر زندگي جي آخري گهڙي تائين پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل رهيو ۽ مان به پيپلز پارٽي جو عدنا ورڪر آھيان پارٽي چيئرمين ۽ ٻي قيادت جي هدايتن تحت عوامي خدمت وارو ڪم جاري آھي۔ڇا ڪاڻ جو عوام جي خدمت جو نالو پيپلز پارٽي آھي۔شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي 73 جو آئين ڏنو جيڪو لاڳو آھي جمهوريت کي مظبوط ۽ پارليامنٽ جي بالادستي قانون جي حڪمراني لاء جان قربان ڪئي۔ان شھيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جيڪا ضلعي سطح تي پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ جي هائوس تي ملهائي پئي ان ۾ ضلعي سکر کان شھيد جا پوئلڳ شهيد جا جيالا وڏي انگ ۾ شامل ٿي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا۔