حيدرآباد : صحت کاتي جي نااهلي ۽ ڌيان نه ڏيڻ سبب حيدرآباد ۾ ڊينگي وائرس جا ڪيس تيزي سان پکڙجي رهيا آهن هڪ هفتي دوران پنج ماڻهو ڊينگي وائرس جو شڪار ٿي حياتيون وڃائي ويٺا آهن حيدرآباد جي علائقي جمعه ڳوٺ حالي روڊ آمريڪن ڪوارٽر ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊينگي وائرس جي ڪيسز جي تصديق ڪئي وئي آهي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس ڄامشورو جي انتظام هيٺ هلندڙ ڊائگنوستڪ ريسرچ ليبارٽري جي انگن اکرن موجب آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 1120 ماڻهن ۾ ڊينگي وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن ۾ حيدرآباد ريجن جا 963 ماڻهو به شامل آهن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر لالا جعفر حيدرآباد ۾ صرف 78 ڄڻن ۾ ڊينگي وائرس جي سڃاڻپ ڪئي آهي جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته صحت کاتو هنگامي بنياڊن تي ڊينگي کان بچا5 لاءِ قدم کڻي ته جيئن ڊينگي وائرس سبب شهرين جي زندگي کي بچائي سگهجي
86