وزيراعظم :شهباز شريف جي برطانوي بادشاهه چارلس سان ملاقات ٿي جنهن ۾ هن شاهه چارلس کي تاجپوشي جي مبارڪباد ڏني.سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب شهباز شريف جي برطانوي بادشاهه چارلس سان ملاقات ٿي جنهن ۾ هن بادشاهه چارلس کي پاڪستان جي دعوت جي دعوت به ڏني. تاجپوشي جي تقريب کان اڳ ملاقات ۾ شاهه چارلس وزيراعظم سان ڳالهين ۾ پنهنجي پاڪستان جي اڳوڻي دوري کي به ياد ڪيو.رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بادشاهه چارلس جي تاجپوشي نئين دور جي شروعات آهي. سمورن ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي.ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي تقريب ۾ به شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ سان به ملاقات ٿي.ياد رهي ته برطانوي بادشاهه چارلس اڄ تاج ۽ تخت باضابطه طور تي سنڀاليندو. بادشاهه چارلس جي تاجپوشي تقريب ٻنپهرن جو ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ٿيندي. 2 هزار 300 مهمان بادشاهه جي اوسيئڙي ۾ هوندا. وزيراعظم شهباز شريف به انهن مهمانن ۾ شامل آهي.