شام کي عرب ليگ ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جو قرارداد منظور ڪيو ويو.
قاهرا کان عرب ليگ جي ترجمان جمال رشيد چيو آهي ته قرارداد عرب ليگ جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو.
خابرو اداري موجب شام ۾ 2011ع جي گھرو ويڙهه کانپوءِ عرب ليگ مان شام جي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي هئي، جڏهن ڪيترن ئي عرب ملڪن شام سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا.