سکر: سائيٽ ايريا ڀرسان هٿياربندن جي سيلون تي فائرنگ، نوجوان پورهيت قتل، 5 ڄڻا زخمي

سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد شر چوڪ وٽ ھٿياربندن جي سيلون جي دڪان تي فائرنگ۔ گوليون لڳڻ سبب نوجوان پورھيت اڪبر منگي قتل ٿي ويو ۽ 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا, جنهن بعد پوليس پهچي مارجي ويل وڌيڪ پڙھو

کنڊ جي ايڪسپورٽرز ۽ ڊيلرز خلاف جاچ شروع، ڪيترن ئي مل مالڪان ۽ ڊيلرز کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو

وفاقي حڪومت کنڊ جي ايڪسپورٽرز ۽ ڊيلرز جي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ڪيترن ئي مل مالڪان ۽ شوگر ڊيلرز کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. پيداوار واري وزارت جي ذريعن موجب حڪومتي معاهدي کان پوءِ به شوگرملز وڌيڪ پڙھو

اسرائيل جا غزه تي حملا جاري، امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل 42 ڄڻن سميت وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد

 اسرائيل جا والاريل فلسطين جي علائقي غزه تي وحشياڻه حملا جاري آهن، بمباري ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا. الجزيره اسپتال ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ 71 ڄڻن ۾ امدادي جي اوسيئڙي ۾ وڌيڪ پڙھو

شڪارپور: لکي چڪ جي ڪچي ۾ قبائلي تڪرار، فائرنگ دوران هڪ ڄڻو قتل، ڌريون مورچابند

شڪارپور: تعلقي لکي چڪ ٿاڻي جي حد جي ڪچي علائقي ۾ قادراڻي جتوئي ۽ ڪٻرا مهر برادرين جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار نئين رت وهائي ڇڏيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل شاهن ولد ڀليڏنو قادراڻي جتوئي اسپتال منتقل ڪرڻ وڌيڪ پڙھو

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ في خاندان 10 لک روپيه امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

 پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر هر خاندان کي 10 لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پنجاب جي وزيراعليٰ حافظ آباد ۽ بهٽيان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ متاثرين جي امداد جو وڏو وڌيڪ پڙھو

وفاقي حڪومت جو دهشتگردن خلاف ڪارروائين ۾ بلوچستان حڪومت جي مدد جاري رکڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائين ۾ بلوچستان حڪومت جي مدد جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته فتنته الهندستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي رپورٽ موجب ڪوئٽه وڌيڪ پڙھو

خوشاب: اوباش نوجوانن نشو ڏئي 2 سڳين ڀينرن کي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو

پنجاب جي ضلي خوشاب جي تعلقي نورپور تهل ۾ اوباش نوجوانن 2 سڳين ڀينرن کي نشو ڏئي مبينه زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو رپورٽ موجب پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثره ڇوڪريون واقعي وقت گهر ۾ اڪيليون موجود هيون، وڌيڪ پڙھو