ممتاز لاشاري جا الزامات

سنڌ جي مشھور راڳي ممتاز لاشاري تي الزام اڳوڻي گھرواري عدالت ۾ پھتي

حيدرآباد:
ممتاز لاشاري مٿان الزامات، اڳوڻي گھرواري مھر النساءِ سمون عدالت ۾ ٻارن جي خرچ لاءِ پھتي آھي. ھن چيو تھ ممتاز لاشاري کيس 2010ع ۾ طلاق ڏني، جنھن کانپوءِ ھوءَ پنھنجي ٻارن جي تعليم لاءِ پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ تي مجبور ٿي.

مھر النساءِ سمون ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام لڳايو تھ ممتاز لاشاري پنھنجي ذميوارين کان ڀڄي رھيو آھي ۽ ٻارن جي پرورش ۾ مدد نھ پيو ڪري. ھن چيو تھ ممتاز جي طرفان مالي مدد نھ ملڻ سبب ھوءَ سخت مشڪلاتن ۾ آھي.

مھر النساءِ وڌيڪ چيو تھ ھوءَ عدالت ۾ ان ڳالھ لاءِ آئي آھي تھ ممتاز لاشاري کي پنھنجي ٻارن جي خرچ لاءِ پابند ڪيو وڃي. ھن عدالت کي ٻڌايو تھ ممتاز لاشاري جي غير ذميواري طريقي سبب ٻارن جو مستقبل خطري ۾ آھي