امريکي اسٽاک مارکيٽ

آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڏي مندي

آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شديد مندي جو روجھا ٽ ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي، جنھن سبب سيڙپڪارن کي مجموعي طور 2.5 ٽريلين ڊالرن جو نقصان ٿيو آھي. ھن صورتحال ۾ خاص طور تي ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذھانت اي آءِ سان لاڳاپيل ڪمپنين جي شيئرن جي قيمتن ۾ وڏي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آھي.پرڏيھي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اھا گھٽتائي اھڙي وقت ٿي آھي، جڏھن عالمي معيشت غير يقيني صورتحال کي منھن ڏئي رھي آھي. ان صورتحال سبب خاص طور تي ٽيڪنالاجي شعبي جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون متاثر ٿيون آھن.ماھرن جو چوڻ آھي تھ مارڪيٽ ۾ جاري مندي سيڙپڪارن جي اعتماد کي متاثر ڪري سگھي ٿي، جڏھن تھ مستقبل ۾ وڌيڪ نقصان جو خدشو پڻ ظاھر ڪيو پيو وڃي.آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ھن مندي جا اھم سبب عالمي معاشي واڌ جي سست رفتاري، مھانگائي ۽ جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ کي قرار ڏنو پيو وڃي. ماھرن موجب، موجودھ صورتحال ۾ سيڙپڪارن کي وڌيڪ احتياط سان فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آھي.