ماليات جي قيمتن ۾ گھٽتائي

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گھٽتائي،

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گھٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ سامان جي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو گھٽتائي ڪئي وئي آھي. آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شھزاد اعواڻ موجب، اھو فيصلو گذريل چئن کان پنجن ڏينھن دوران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٿيل گھٽتائي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آھي.ملڪ شھزاد اعواڻ جو چوڻ آھي تھ ڀاڙن ۾ گھٽتائي سان عوام کي فائدو ٿيندو ۽ سامان جي ترسيل جا خرچ گھٽ ٿيندا. ان سان گڏ سامان جي پھچائڻ واري عمل ۾ بھ بھتري اچڻ جي اميد آھي.ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ گھٽتائي جو اثر مارڪيٽ، ھول سيل ۽ رٽيل جي شعبن تي پڻ پئجي سگھي ٿو، جنھن سان روزمرھ جي استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ گھٽتائي جا امڪان پيدا ٿيندا.ٽرانسپورٽ شعبي جي ھن فيصلي کانپوءِ اميد ڪئي پئي وڃي تھ سامان جي پھچائڻ جا خرچ گھٽجڻ سان عوام کي بھ رليف ملندو.