اسلام آباد:
وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 380 ارب رپين جي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ان فيصلي تحت مختلف ترقياتي ۽ دفاعي شعبن لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا آھن.
اجلاس ۾ مختلف وزارتن جي مالي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اھم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، منظور ڪيل رقم مان 275 ارب رپيا پاڻيءَ جي شعبي سان لاڳاپيل پنجن وڏن ترقياتي منصوبن لاءِ رکيا ويا آھن، جڏھن تھ لڳ ڀڳ 84 ارب رپيا دفاعي ضرورتن لاءِ مختص ڪيا ويا آھن.
اي سي سي موجب، پاڻيءَ جي منصوبن لاءِ مختص ڪيل رقم سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڻيءَ جا ذخيرا محفوظ بڻائڻ ۽ زرعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزارت ھدايت ڪئي آھي تھ منظور ٿيل رقم شفاف طريقي سان ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ زراعت ۽ ڀاڻ جي پيداوار واري شعبي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ پڻ اھم فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽي پنجاب ۾ قائم ڀاڻ ٺاھيندڙ ٻن وڏن ڪارخانن، فاطمھ ۽ ايگريٽيڪ، کي 31 ڊسمبر تائين گئس جي فراھمي جاري رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.