پريالوءِ: واپاري تي هٿياربندن جي فائرنگ، معجزاڻي طور محفوظ، شهر ۾ خوف جو ماحول

پريالوءِ ۾ بدامني ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي پريالوءِ شهر جي واپاري پرديپ ڪمار جي دڪان تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪئي، خوشقسمتي سان واپاري معجزاڻي طور محفوظ رهيو. پرديپ ڪمار پنهنجي دڪان تي موجود هو ته اوچتو موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. هٿياربند انتهائي بي خوفي سان فائرنگ ڪئي، جيڪا شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن جي عڪاسي ڪري ٿي. واپارين جو چوڻ آهي ته پريالوءِ ۾ ڪاروباري ماڻهن کي ڌمڪائڻ ۽ منٿلي طلب ڪرڻ جا واقعا عام ٿي ويا آهن، جنهن تي ضلعي انتظاميا خاموش نظر اچي رهي آهي. واپاري برادري پاران پوليس کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي، ايس ايس پي خيرپور پاران فوري طور تي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جلد ئي جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي