تفصيل موجب قومي ايئر لائين (پي آءِ اي) کي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع ۾ سرڪاري ايئر لائن قرار ڏنو ويو آهي. آئيڊياز 2024 مهم قومي ايئر لائن جي 4 جهازن، 2 بوئنگ 777 ۽ 2 ايئر بس جهازن ذريعي ڪئي ويندي جن تي آئيڊياز لوگو لڳل هوندو. دفاعي نمائش 19 کان 22 نومبر تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيندي. ياد رهي ته پاڪستان جي دفاعي صنعت کي بين الاقوامي سطح تي فروغ ڏيڻ لاءِ دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وزارت جي ماتحت ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن (ڊي پي او) هر ٻن سالن بعد ان نمائش ۾ آئيڊياز نالي هڪ بين الاقوامي دفاعي نمائش ۽ سيمينار پڻ منعقد ڪندي آهي پاڪستان ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل دفاعي سامان جي نمائش لاءِ دنيا جي وڏين ۽ اهم دفاعي ڪمپنيون پڻ پنهنجي سامان جي نمائش ڪنديون.