ءِ ايم ايف پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ سيلز ٽيڪس ڇوٽ ۽ ايڪويٽي لاسز ختم ڪرڻ سميت سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا آهن. ذريعن موجب، پي آءِ اي جي خريدار پارٽي کي قومي ۽ بين الاقوامي روٽس لاءِ جهاز خريد ڪرڻ يا ليز تي وٺڻ لاءِ سيلز ٽيڪس ڇوٽ ڏني ويندي. اهڙي طرح، سيلز ٽيڪس ڇوٽ ۽ نقصان ختم ٿيڻ سان پي آءِ اي جي بڊنگ 250 ارب کان 350 ارب رپين تائين وڌي سگهي ٿي. حڪومت تقريباً 660 ارب رپين جو پي آءِ اي تي واجب الادا قرض پنهنجي ذمي کڻي، ان کي هولڊنگ ڪمپني ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ روز ويلٽ هوٽل جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ رقم کي به قرض جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني جي قرض کي سيٽل ڪرڻ لاءِ به آءِ ايم ايف جي منظوري ملي وئي آهي. روز ويلٽ هوٽل جي وڪرو لاءِ 6 مهينن اندر جوائنٽ وينچر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن مان تقريباً 1 ارب ڊالر حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي. پهرين، آءِ ايم ايف صرف بين الاقوامي روٽس لاءِ جهازن جي خريداري يا ليز تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ جي اجازت ڏني هئي، پر ٻيهر درخواست ڪرڻ تي مقامي روٽس لاءِ به اها ڇوٽ ڏني وئي آهي. ان کان علاوه، پي آءِ اي جي ليز تي جهازن کي مهيني طور 81 لک رپين تائين سيلز ٽيڪس ڇوٽ جي سهولت ملي سگهي ٿي.