آءِ ايم ايف پاڪستاني عوام لاءِ خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي، پاڪستان ۾ مهانگائي 18.5 سيڪڙو جي بلند شرح تي رهندي جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 25.9 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي رپورٽ موجب پاڪستان تي پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ فوري طور تي ختم نه ٿيندو پر پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ آهستي آهستي ختم ٿيندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو معيشت جي 1.6 سيڪڙو تي ئي رهندو. آءِ ايم ايف اڳڪٿي ڪئي آهي ته مالياتي ادارن کان فنڊنگ ۾ دير ٿيڻ سان معيشت متاثر ٿيندي، اسٽاڪ ايڪسچينج جي شرح تي دٻاءُ پوندو رپورٽ ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ خوراڪ جون شيون مهانگيون ٿيڻ کان اڳ ئي مهانگائي سبب پاڪستاني عوام سخت متاثر ٿيندو. آءِ ايم ايف اشارو ڏنو آهي ته جون تائين سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي، ترقياتي بجيٽ ۾ 61 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي ويندي رپورٽ ۾ پاڪستاني ادارن کان اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته نيپرا ۽ اوگرا بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ بروقت واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪن، جڏهن ته گيس جي اگهن ۾ اڌ سال واڌ جي شرط به برقرار رهندي.