آءِ ايم ايف ڳالهيون: ناڻي واري وزير جي معاشي صورتحال ۽ اصلاحاتي ايجنڊا تي بريفنگ

آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي جائزي جي سلسلي ۾ ڳالهيون جاري آهن، انهي سلسلي ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وفد کي ملڪي معاشي صورتحال ۽ اصلاحاتي ايجنڊا تي بريفنگ ڏني آهي. عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) سان ڳالهين ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن جي اقتصادي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت ۽ منصوبه بندي جي   طرفان پيش ڪيل گرين انيشيٽو رپورٽ به غور هيٺ آئي، آءِ ايم ايف وفد کي گرين انيشيٽو تي موسمياتي تبديلي جي منصوبي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي مطالبي تي ناڻي واري وزارت رپورٽ تيار ڪرائي هئي. هوڏانهن ڳالهين ۾ پي ايس ڊي پي خرچن ۽ ڪٽوتي جي باري ۾ جائزو ورتو پيو وڃي. ٻئي پاسي ناڻي واري وزير محمد اونگزيب سان آءِ ايم جي وفد ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ناڻي واري وزير طرفان معاشي صورتحال ۽ اصلاحاتي ايجنڊا تي بريفنگ ڏني وئي آهي. آءِ ايم ايف وفد جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات ۾ ناڻي واري سيڪريٽري ۽ چيئرمين ايف بي آر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف کي ملڪ جي معاشي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ معاشي اصلاحات جي ايجنڊا تي بريفنگ ڏني وئي.