آئين بچايو مارچ: ڀارت ۾ اپوزيشن اڳواڻ گرفتار

ڀارت ۾ اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي سميت ڪيترن ئي پارليامينٽ ميمبرن کي ”آئين بچايو مارچ“ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن اڳواڻن کي دهلي پوليس گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڇڏيو آهي گرفتاري کان اڳ ڳالهائيندي، راهول گانڌي چيو ته هي جنگ سياسي نه، پر ڀارتي آئين ۽ عوام جي ووٽ جي حق لاءِ آهي. هن الزام هنيو ته اليڪشن ڪميشن طرف مارچ دوران کين روڪيو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته ووٽن جي چوري سڄي ملڪ جي سامهون ظاهر ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته هي جمهوريت جي تحفظ جي جنگ آهي ۽ هو شفاف ووٽر لسٽن ۽ جمهوري حقن جي حفاظت هر قيمت تي ڪنداپريانڪا گانڌي هن گرفتاري کي ڊڄڻي حڪومت جي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو ته اهڙيون گرفتاريون سندن حوصلا ختم نه ٿيون ڪري سگهن واضح رهي ته راهول گانڌي گذريل چونڊن ۾ نريندر مودي جي فتح تي سوال اٿاريندي ڀارتي اليڪشن ڪميشن ۽ بي جي پي تي ڌانڌلي جا الزام لڳايا هئا.